سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي،
وفاق کي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي سموريون سهولتون ڏيڻ جي هدايت، 5 رڪني بينچ جي ٻن ججز فيصلي سان اختلاف ڪيو،
ٽن ججز جي اڪثريت سان فيصلو ٻڌايو ويو، اليڪشن ڪميشن کي پنجاب ۾ چونڊ لاءِ صدر ۽ ڪي پي ۾ چونڊ لاءِ گورنر سان مشاورت ڪري جلد تاريخ ڏيڻ جي هدايت، عدالت چيو آهي ته آئين ۾ چونڊن لاءِ 60 کان 90 ڏينهن جو وقت ڏنل آهي، 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ ضروري آهن.