اسلام آباد جي عدالت توشا خانا ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا،
اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال عمران خان جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا،
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج واري ڪيس ۾ عمران خان جي 9 مارچ تائين عبوري ضمانت منظور ڪئي،
بينڪنگ ڪورٽ به منع ٿيل فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت پڪي ڪري ڇڏي، عمران جي پيشي دوران سڪيورٽي جا غير معمولي انتظام.