سپريم ڪورٽ، نقيب الله قتل ڪيس ۾ بري ٿيل ملير جـَي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ واري درخواست تي وفاقي گهرو وزارت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو،
جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ رائو انوار جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي،
وڪيل موقف اختيار ڪيو ته رائو انوار خلاف ڪيس ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي ڪنهن به ڪيس ۾ گهربل ناهي، سندس نالو اي سي ايل مان خارج ڪيو وڃي.