اهڙي بيوقوف کي وزيراعظم بڻايو ويو جنهن وٽ ڪا به سوچ ناهي، چريو شخص اسان کي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ويو آهي، پار ضرور ٿينداسين،
پنجاب جي شهر وهاڙي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته پاڪستان پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني ناهي،
چوڌاري امير ملڪ آهن، سڀ مسئلا حل ڪنداسين، پاڪستان وڏي طاقت ٿي اڀرندو،
آمريڪا ۽ جاپان به ڏيوالو ٿي ويا هيا، ڏيوالو نڪرڻ سان ڪو فرق نه پوندو،
پيپلزپارٽي غريبن جي پارٽي آهي، گريجوئيٽس کي نوڪري ملڻ تائين وظيفو ڏنو ويندو.