اهم خبرون

سنڌ

March 7, 2023 5:54 pm

ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاگرد تنظيمن شاگردن کي هولي ملهائڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاگرد تنظيم شاگردن کي هولي ملهائڻ کان روڪي ڇڏيو.

ڪراچي يونيورسٽي ۾ هندو شاگردن اڄ هولي ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو پر هڪ شاگردياڻي وڊيو بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته هوءَ هندو مذهب سان تعلق رکي ٿي ۽ سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهائي ٿي.

شاگرد جو چوڻ هو ته اسلامي جميعت طلبه جا ڇوڪرا آيا ۽ اسان کي هولي ملهائڻ کان روڪيو، هنن ڇوڪرن اسان ۽ ٻين شاگردن تي تشدد ڪيو.

ان حوالي سان اسلامي جميعت طلبه يونيورسٽي ڪراچي جي ترجمان واقعي کان لاتعلقي جو اعلان ڪندي چيو ته هو يونيورسٽي ۾ شاگردن تي تشدد جي واقعي کان لاتعلقي جو اظهار ڪن ٿا ۽ سمورن مذهبن جو احترام ڪن ٿا.

اسلامي جميعت طلبه جي ترجمان چيو ته قومپرست تنظيم بي بنياد پروپئگنڊا ذريعي مذهبي نفرت پکيڙڻ چاهي ٿي.

هن مطالبو ڪيو ته ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي.

وڌيڪ پڙهو: