سنڌ ترقي پسند پارٽي ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪري ڇڏيو، ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوري نظام نظر نه اچي رهيو آهي،
ڊجيٽل آدشماري ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ٿيڻ سان افغاني ۽ ٻيا غير ملڪي به ڳڻيا ويندا، 2017 ۾ به آدمشماري ۾ سنڌين کي گهٽ ڏيکاريو ويو هو،
سنڌ ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي بقا جي ڳالهه هوندي ته اسان روڊن تي اينداسين…