بين الاقوامي

دنيا

February 21, 2023 8:14 pm

ڏکڻ ڪوريا پنجن سالن ۾ 6G ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ جو اعلان

ڏکڻ ڪوريا پنجن سالن ۾ 6G ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ جو اعلان،
پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اڃا تائين پنجين جنريشن (5G) ٽيڪنالاجي کي متعارف نه ڪرايو ويو آهي،

پر هڪ ملڪ ان کان به وڌيڪ جديد سيلولر ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،
ڏکڻ ڪوريا 5 سالن اندر 6G ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي،
ڏکڻ ڪوريا جي سائنس واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 2028 تائين ڏکڻ ڪوريا ۾ 6G نيٽ ورڪ سروس متعارف ڪرائي ويندي،
ياد رهي ته ان کان اڳ اهو اندازو لڳايو ويو هو ته دنيا ۾ 6 جي ٽيڪنالاجي 2030 کان اڳ اچڻ ممڪن نه هوندو،
ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت مقامي ڪمپنين کي ان مقصد لاءِ سامان، پرزا ۽ ٻيو مواد تيار ڪرڻ لاءِ ترغيب فراهم ڪندي.

وڌيڪ پڙهو: