صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري تي ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڌمڪي نه ڏني وڃي، کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم عدالت ڏنو آهي، حڪم ڪنهن جي لاءِ به هجي ان تي عمل ٿيڻ گهرجي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪجهه ماڻهو گڏ ڪري عدالتي حڪم تي عمل کان روڪي نه ٿو سگهجي، قانون سڀني لاءِ برابر آهي، اسٽريٽ پاور هر جماعت وٽ هوندو آهي.
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪڏهن عمران خان بي گناهه آهي ته ڪارڪن زمان پارڪ ڇو پهچي رهيا آهن، عمران خان کي دادلي جيان ورتاءُ ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته جيڪو شخص چوندو هيو گهٻرايو نه اڄ اهو پاڻ گهٻرائي رهيو آهي، عمران خان جا توشا خانه ڪيس ۾ وارنٽ جاري ٿيا آهن.
صوبائي وزير چيو ته عمران خان روئڻ ڇڏي ۽ چوري جي ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ٿئي، پيرڻي ۽ فرح گوگي اربين رپين جي چوري ڪئي آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪجهه ماڻهو گڏ ڪرڻ وڏي ڳالهه ناهي، اسٽريٽ پاور هر جماعت وٽ هوندو آهي.
هن چيو ته، حڪومت کان ڪو به مطالبو ناهي، عدالتي حڪمن تي ڪارروائي ٿي رهي آهي،
اڄ ثابت ٿي ويو ته عمران خان لاءِ قانون ڪجهه به ناهي، ڪير به ڌمڪي نه ڏئي ڪنهن ۾ همت ناهي جو ملڪ کي نقصان پهچائي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان کي هٿرادو طريقي سان اقتدار ۾ آندو ويو، عمران خان سان ڏاڏلي وارو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي.