سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، ڊجيٽل آدمشماري، مهانگائي، بيروزگاري، بدامني ۽ ٻين مسئلن خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو پيادل سنڌ مارچ منزل طرف روان دوان آهي،
ٽنڊو محمد خان جي نائين ميل اسٽاپ تي جلسي کي خطاب ڪندي ايس يو پي اڳواڻن چيو ته عوام جي ڪرپٽ حڪمرانن مان جند آجي ڪرائڻ لاءِ روڊن تي نڪتا آهيون، مسئلن جي حل لاءِ ڌرتي ڌڻي ساٿ ڏين ۽ 19 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏين.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سکر کان ڪراچي لاءِ نڪتل پيادل سنڌ مارچ مرڪزي اڳواڻن روشن ٻُرڙو، امير آزاد پنهور، جڳديش آهوجا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اڄ رات ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ ڏاڏا سائين پهتو، جتي ايس يو پي اڳواڻ بشير شاهه وٽ رات ترسڻ کانپوءِ صبح ٻيهر منزل طرف روانو ٿيندو.
گاجا موري، ڏهين ميل، ڪپور موري ۽ آبادگار چوڪ سميت مختلف هنڌن تي قافلي جي شاندار آجيان ڪئي وئي، مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن سان واسطو رکندڙ اڳواڻن توڙي ڪارڪنن قافلي تي گُلن جي ورکا ڪئي.
پيادل سنڌ مارچ جو قافلو 9 ميل پھتو آھي جتي ڀرپور استقبال ڪيو ويو گلن جي ورکا سان ڀليڪار. 1 ڪلاڪ وقفي کانپوء اڳلي منزل آبادگار طرف روان دوان. #SindhMarch pic.twitter.com/9alj8cyZHt
— Sindh United Party (@SUP_Sindh) March 10, 2023
مختلف هنڌن تي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جا ماڻهو مهانگائي، بيروزگاري، بدامني ۽ ٻين مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، مٿان وري ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي پنهنجي ئي ڌرتي تان بيدخل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، حڪمران هوش کان ڪم وٺن، عوام سندن سياست کي چڱي ريت واقف آهي، عوامي طاقت سان هاڻ ڪي به اٽڪلون ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.
ايس يو پي اڳواڻن چيو ته سنڌ جا ماڻهو 19 مارچ تي ڪراچي ۾ وڏي انگ ۾ گڏ ٿي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏين ۽ پنهنجو وجود بچائڻ لاءِ ڀرپور نموني احتجاج رڪارڊ ڪرائين.