سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سنڌ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بدامني، ڪرپشن ۽ بد انتظامي خلاف سکر کان ڪراچي لاءِ پيادل لانگ مارچ شروع ٿي ويو،
جلال محمود شاهه، زين شاهه، روشن ٻرڙو ۽ ڪارڪن لانگ مارچ ۾ شريڪ،
لانگ مارچ سنڌ جي مختلف شهرن کان ٿيندو 19 مارچ تي ڪراچي پهچندو، اڳواڻن چيو آهي ته موجوده حڪمرانن عوام کان ٻن ويلن جي مانيءَ جو حق به کسي ڇڏيو آهي،
حڪمرانن خلاف روڊن تي اچڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به دڳ ناهي بچيو.