سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سنڌ حڪومت خلاف سڀاڻي سکر کان ڪراچي تائين پيادل لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي، ايس يو پي ترجمان موجب 33 ڏينهن جي سفر بعد قافلو 19 مارچ تي ڪراچي پريس ڪلب پهچندو، جتي جلسو ڪيو ويندو.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو پيادل لانگ مارچ پارٽي صدر سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ 15فيبروري تي منجھند 12 وڳي هيمون ڪالاڻي چوڪ، سينٽرل جيل سکر وٽان شروع ٿيندو، جيڪو مسلسل 33 ڏينھن مختلف شھرن ۽ ضلعن کان ٿيندو 19 مارچ تي ڪراچي پريس ڪلب پھچندو، جتي ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو.
ايس يو پي جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري خواجا نويد امين پيادل سنڌ مارچ جي تفصيلن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته لانگ مارچ خراب حڪمراني، ڪرپشن، مھانگائي، بيروزگاري ۽ ھٿرادو ٻوڏ جي تباهي خلاف آهي، هن مارچ جو مقصد عوام کي ڪرپٽ حڪمرانن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ آهي.
ايس يو پي اڳواڻ چيو ته سنڌ مارچ 15 فيبروري تي شروع ٿيندو، رات جو جھان خان ۾ ترسڻ بعد ٻئي ڏينھن 16 فيبروري تي دڙو پھچندو، 17 فيبروري تي نئون ديرو، 18 فيبروري تي لاڙڪاڻو، 19 فيبروري تي ڏوڪري، 20 فيبروري تي نصير آباد،21 فيبروري تي ميھڙ، 22 فيبروري تي خانپور، 23 فيبروري تي مخدوم بلاول پھچي مزار تي حاضري ڀري ويندي.
شيڊيول موجب پيادل قافلو 24 فيبروري تي مخدوم بلاول کان خدا آباد پهچندو،25 فيبروري تي ڀان سيد آباد، 26 فيبروري تي سيوهڻ شريف،27 فيبروري تي لڪي شاهه صدر، 28 فيبروري تي آمري پهچندو.
شيڊيول موجب پهرين مارچ تي قافلو قاضي احمد پهچندو، 2 مارچ تي سڪرنڊ، 3 مارچ تي نيو سعيد آباد، 4 مارچ تي ڀٽ شاهه، 5 مارچ تي سيکاٽ، 6 مارچ تي هٽڙي بائي پاس، 7 مارچ تي حيدر چوڪ حيدرآباد پهچندو، جتي ايس يو پي صدر زين شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪندا.
شيڊيول موجب 8 مارچ تي قافلو نوناري اسٽاپ، 9 مارچ تي ٽنڊو محمد خان، 10 مارچ تي بلڙي شاهه ڪريم، 11 مارچ تي ميرپوربٺورو، 12 مارچ تي سجاول، 13 مارچ تي ٺٽو، 14 مارچ تي گجو، 15 مارچ تي گھارو، 16 مارچ تي گهگهر ڦاٽڪ، 17 مارچ تي قائدآباد پل، 18 مارچ تي بلوچ پل، 19 مارچ تي ڪراچي پريس ڪلب پهچندو، جتي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو چيئرمين جلال محمود شاهه، پارٽي جو صدر سيد زين شاهه ۽ ٻيا مرڪزي اڳواڻ هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندا.