سنڌ هائيڪورٽ سکر بينچ عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي ايس ايس پي نوشهرو فيروز عبدالقيوم پتافيءَ تي ڪاوڙ جو اظهار،
عدالت چيو ته ايس ايس پي نوشهروفيروز ڪير آهي؟، عدالت ۾ ڇو ناهي آيو،
کيس هٽايو وڃي ۽ ڪٿي به پوسٽنگ نه ڏني وڃي، وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته ايس ايس پي نوشهروفيروز گذريل ڏينهن هڪ عورت کي تشدد جو نشانو بڻائي گرفتار ڪرايو آهي.