سنڌ

February 22, 2023 11:03 am

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ شهرين کي فراهم ٿيندڙ پاڻي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ  شهرين کي فراهم ٿيندڙ پاڻي بابت درخواست تي چيف انجنيئر سکر بئراج کي طلب ڪري ورتو، آبپاشي کاتي پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌو دريا جو پاڻي بهتر آهي، پر شهرين کي ملندڙ واٽر سپلا جو پاڻي زهريلو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ شهرين کي فراهم ٿيندڙ پاڻي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سکر جي شهرين کي فراهم ٿيندڙ پاڻي بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌو دريا جو پاڻي بهتر آهي، پر شهرين کي ملندڙ واٽر سپلا جو پاڻي زهريلو آهي، پاڻي ۾ 3300 مائڪرو بيڪٽريا موجود آهن.

رپورٽ موجب، سڄي سنڌ ۾ 729 اهڙا پوائنٽ موجود آهن، جتان درياهه ۾ فيڪٽرين، گٽرن، اسپتالن جو زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو، سکر ۾ اهڙا 21 هنڌ آهن.

جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان ايترا غير مهذب آهيون جو نيڪال جو سڄو گند پاڻي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪري رهيا آهيون، اسان کي ڪو به احساس ناهي.

عدالت پڇا ڪئي ته ڇا ڪو اهڙو ادارو نه هو، جيڪو ان وقت ان عمل کي روڪي ها، ڇا ان وقت آبپاشي کاتو ننڊ ستل هيو، جو  انهن کي گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.

وڪيل علي رضا بلوچ عدالت کي ٻڌايو ته آبپاشي کاتي وارا رهائشي ڪالوني جو گندو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ڪري رهيا آهن اهي ٻئي هنڌ ڪيئن روڪيندا.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا انگريزن ان عمل جي ان وقت اجازت ڏني هئي؟ هي ڪهڙي سوسائٽي آهي جيڪو پنهنجو گندو پاڻي ڦٽو ڪري اهو ئي گندو پاڻي واپرائي پئي.

عدالت چيف انجنيئر سکر بئراج کي طلب ڪري ورتو.

 

وڌيڪ پڙهو: