سنڌ

February 15, 2023 11:23 am

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪراچي جي نجي اسپتال کي پاڻي جو غير قانوني ڪنيڪشن ڏيڻ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي نجي اسپتال کي پاڻي جو غير قانوني ڪنيڪشن ڏيڻ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

جسٽس عقيل عباسي جي سربراهي ۾ بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ڊي سي سينٽرل ۽ ڪراچي واٽر بورڊ جا عملدار پيش ٿيا.

عدالت  ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي رمارڪس ڏنا ته ماڻهن کي پاڻي نٿو ملي، صاف پاڻيءَ جي فراهمي بابت پنهنجا معاملا درست ڪيو، پاڻي کوٽ سبب جهيڙا ٿيندا آهن.

جسٽس عقيل عباسي رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته ڪنهن جي فرمائش تي پاڻي جو ڪنيڪشن نه ڏيڻ گهرجي، ان لاءِ ايس او پيز هئڻ گهرجن.

واٽر بورڊ جي انجنيئر عدالت کي ٻڌايو ته اسپتال ۽ ڪمرشل استعمال لاءِ پاڻي جي مين لائن مان ڪنيڪشن ڏنو ويندو آهي، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏنا ته مين لائن مان ڪنيڪشن ڏنو ويو ته مسئلا ٿيندا.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

 

 

وڌيڪ پڙهو: