سنڌ

March 8, 2023 10:59 am

سنڌ هاءِ ڪورٽ،پاران سکر ڊويزن ۾ استادن جي خالي پيل 8 هزار کان وڌيڪ جاين تي هفتي اندر ڀرتيون ڪرڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ، سکر ڊويزن ۾ استادن جي خالي پيل 8 هزار کان وڌيڪ جاين تي هڪ هفتي اندر ڀرتيون ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،

حڪومت کان جمعي تائين اڳڀرائي رپورٽ به طلب،

جسٽس صلاح الدين رمارڪس ۾ چيو ته عدالت حڪم ڏئي چڪي آهي ته 40 سيڪڙو پاس اميدوارن کي نوڪريون ڏئي اسڪول کوليا وڃن،

رپورٽ موجب سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ۾ 8 هزار 6 سئو 19 پوسٽون خالي پيل آهن،

عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيڻ تي ڊي اوز ايجوڪيشن کي ته جيل ۾ وجهڻ گهرجي،

سرڪاري نوڪري ملي ۽ استاد نه اسڪول نه وڃن، اهو ممڪن ناهي، جنگي حالتن ۾ اسڪول کولي استاد مقرر ڪري تعليم شروع ڪئي وڃي.

 

وڌيڪ پڙهو: