سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪاليجز ۾ خالي پيل 12 سئو جاين تي ليڪچرار ڀرتي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 7 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
درخواستگذار چيو ته محرابپور سائنس ڪاليج مان بدلي ڪري آرٽس ڪاليج ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪاليجز ۾ خالي پيل 12 سئو جاين تي ليڪچرار ڀرتي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت سيڪريٽري ڪاليجز کان سائنس ۽ آرٽس ڪاليجن ۾ ليڪچرارن جون سبجيڪٽ جي ابتڙ مقرري خلاف جواب گهري ورتو.
عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته سائنس ڪاليج ۾ آرٽس جو ليڪچرر ۽ آرٽس ڪاليجن ۾ سائنس جو ليڪچرار مقرر نه ڪيو وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 7 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته عدالت ۾ محرابپور سائنس ڪاليج جي اسسٽنٽ پروفيسر ذوالفقار جلباڻي وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي.