سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ثقافت، ڪاليجز، مڪاني ادارن، ناڻي کاتي جي سيڪريٽريز ۽ 55 لائبريرين وچ ۾ ٿيل ايم او يوز جا مڪمل تفصيل ۽ ايس اين اي رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت ڊپٽي ڪمشنرن کي لائبريرين جو معائنو ڪري لائبريرين جي بجيٽ، ڪتابن ۽ ٻين سهولتن بابت رپورٽ جمع ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
مورو بس اسٽينڊ تي قائم لائبريري ۾ سهولتن جي کوٽ بابت شهري جي درخواست تي سنڌ هائيڪورٽ سکر ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ثقافت کاتي پاران لائبريري لاءِ پلاٽ ڏنو ويو هو ۽ فنڊز به رکيا ويا پر ان باوجود لائبريريءَ جي عمارت تعمير نه ٿي سگهي آهي.
عدالت ثقافت، ڪاليجز ، مڪاني ادارن، ناڻي کاتي جي سيڪريٽريز ۽ 55 لائبريرين وچ ۾ ٿيل ايم او يوز جا مڪمل تفصيل ۽ ايس اين اي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
عدالت سڄي صوبي جي ڊپٽي ڪمشنرن کي لائبريرين جو معائنو ڪري لائبررين لاءِ مختص ٿيل بجيٽ، فنڊن جي استعمال ، ڪتابن ۽ ٻين سهولتن بابت رپورٽ جمع ڪرڻ جو حڪم ڏنو….