سنڌ

February 15, 2023 12:34 pm

سنڌ هاءِ ڪورٽ، شگر ملز مالڪن کي قانون جي ابتڙ اربين رپين جي سبسڊي ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ، شگر ملز مالڪن کي قانون جي ابتڙ اربين رپين جي سبسڊي ڏيڻ خلاف درخواست تي وفاقي ۽ سنڌ حڪومتن، ناڻي واري سيڪريٽري ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته وفاقي حڪومت جي فيصلي موجب جن به شگر ملز مالڪن کي سبسڊي ڏني ويندي، اهي آبادگارن جا باقيدار نه هجن.

درخواستگذار موجب سنڌ حڪومت شرطون پوريون ڪرڻ بنا ئي ملز مالڪن کي 30 ارب رپين جي سبسڊي ڏني.

درخواستگذار استدعا ڪئي ته ملز مالڪن کي مليل 30 ارب رپين جي سبسڊي قانون جي ابتڙ قرار ڏئي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار ۽ ٻين ڌرين کان ٽن هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو.

 

 

وڌيڪ پڙهو: