سنڌ

February 23, 2023 1:01 pm

سنڌهائيڪورٽ فلاحي ادارن، روڊن ۽ تاريخي ماڳن تي سياستدانن جا نالا رکڻ واري ڪيس تي ٻڌڻي ٿي

تاريخي عمارتن تي خورشيد شاهه، اسلام الدين شيخ، نورين شيخ، منور خان، ناصر شاهه ۽ ٻين جا نالا ڇو رکيا ويا آهن؟؛

سنڌهائيڪورٽ فلاحي ادارن، روڊن ۽ تاريخي ماڳن تان سياستدانن جا نالا نه هٽائڻ تي صوبي جي سمورن ڊي سيز کي طلب ڪري ورتو، عدالت چيو آهي ته آفيسر يا ته جاهل،

وڪاميل، يا ڊڄڻا آهن، ايندڙ ٻڌڻي تائين نالا نه هٽايا ويا ته جن جا نالا آهن انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي، جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته تاريخي ماڳن ۽ روڊن تي ايم آر ڊي جي شهيدن جا نالا لکو ها ته خوشي ٿئي ها،

سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ تبديڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 

وڌيڪ پڙهو: