سنڌ

February 15, 2023 12:58 pm

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي واري ڪيس ۾ پوليس جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر

سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي واري ڪيس ۾ پوليس جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي آءِ جي ۽ گهرو سيڪريٽري کي پاڻ مامرا مانيٽر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جـِي بينچ 9 گم ٿيل شهرين جي بازيابي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران پوليس گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت رپورٽ پيش ڪئي، جنهن تي عدالت بي اعتمادي ظاهر ڪئي.

عدالت سوال ڪيو ته پوليس گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ ۾ ڇو ناڪام آهي؟گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن.

عدالت آءِ جي سنڌ ۽ گهرو سيڪريٽري کي گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس پاڻ مانيٽر ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

 

وڌيڪ پڙهو: