سنڌ

February 16, 2023 3:22 pm

سنڌ هاءِ ڪورٽ  گم ٿيل ماڻهن کي بازياب نه ڪرائڻ تان جاچ آفيسرز تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ  گم ٿيل ماڻهن کي بازياب نه ڪرائڻ تان جاچ آفيسرز تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ،  جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جاچ آفيسر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته  توهان جي ڪارڪردگي جي ڪري ئي گم ٿيل ماڻهن جا وارث پريشان آهن،

اهو سٺو لڳندو ته توهان کي سڌو جيل موڪليو وڃي؟، عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ نئين سر جي آءِ ٽي اجلاس  سڏائڻ جو حڪم ڏيندي  رپورٽ طلب  ڪري ورتي .

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو،  ڪراچي جي علائقي گلبرگ مان مبينا طور گم ٿيل نينگري ۽ ٻني ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

نينگري جي امڙ عدالت آڏو دانهيو ته ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا اهيون پوليس دلاسن کانسواءِ نياڻي جي بازيابي لاءِ ڪو به تحرڪ ناهي ورتو، گم ٿيل نينگري جي امڙ عدالت ۾ جذباتي ٿيندي چيو ته  پوليس ايمانداري سان ڪم ڪري ته ڪنهن به شهري کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو نه پوندو.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جاچ آفيسر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته  توهان جي ڪارڪردگي جي ڪري ئي گم ٿيل ماڻهن جا وارث پريشان آهن، ڇا اهو سٺو لڳندو ته توهان کي سڌو جيل موڪليو وڃي؟.

عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ نئين سر جي آءِ ٽي اجلاس  ڪوٺائڻ جو حڪم ڏيندي  پوليس کان رپورٽ طلب  ڪري ورتي .

 

 

وڌيڪ پڙهو: