سنڌ حڪومت ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف آدمشماري چاهي ٿي،
آدمشماري جا نتيجا اهڙا هئڻ گهرجن، جيڪي سڀني کي قبول هجن،
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان خلاف 2018 ۾ مبينا ڌيءُ جو ڪيس آيو،
عدالت خانداني مامرو قرار ڏئي ٻڌڻي نه ڪئي، ان وقت ڪيس جو فيصلو ڪيو وڃي ها ته ملڪ ۾ ايتري تباهي نه ٿئي ها،
پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف اوپن اينڊ شٽ ڪيس آهن، پر کيس سزا ملڻ ته پري جي ڳالهه گرفتار به نٿو ڪيو وڃي.