سنڌ حڪومت پاران پهرين ڊجيٽل گهر ۽ آدمشماري پهرين مارچ کان پهرين اپريل تائين ڪرائڻ جو فيصلو،
ضلعي ۽ تعلقي سطح تي ڪميٽيون به قائم، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ اجلاس، گهرو سيڪريٽري، صوبائي ڪمشنر شماريات،
سيڪريٽري اسڪولز ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا، چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته مستقبل جي سموري پلاننگ ڊجيٽل آدمشماري تحت ٿيندي، 30 ضلعن ۾ 43 هزار 838 بلاڪ ٺاهيا ويا آهن،
ڪمشنر ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڊجيٽل آدمشماري يقيني بڻائن.