سنڌ

March 13, 2023 2:26 pm

سنڌ حڪومت غذائي کوٽ ۽ غربت جي خاتمي لاءِ ڪافي فنڊ رکيا آهن: وڏو وزير

وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾ غذائي کوٽ بابت صوبائي محتسب جي تحقيقي رپورٽ جاري ڪرڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي.

تقريب ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه، وفاقي محتسب اعجاز قريشي۽ انٽرنيشنل اومبڊسمن آرگنائيزيشن جي صدر ڪرس فيلڊ به شريڪ
ان موقعي تي وڏي وزير چيو تہ محتسب سنڌ عوام جي شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ پرعزم آهي.

ھن چيو تہ سنڌ حڪومت غذائي کوٽ ۽ غربت جي خاتمي لاءِ ڪافي فنڊ رکيا آهن.
ھن وڌيڪ چيو تہ سنڌ محتسب ڇوڪرين جي تعليم بابت هڪ مطالعو ڪيو ۽ حقيقي ۽ قابل عمل سفارشون ڏنيون .

وڏي وزير چيو تہ سنڌ محتسب ۽ انٽرنيشنل اومبڊسمن آرگنائيزيشن جي سهڪار سان سان ٿرپارڪر ضلعي ۾ اسٽنٽنگ بابت هڪ مطالعو شروع ڪيو آهي.

وڌيڪ پڙهو: