سنڌ

March 7, 2023 3:25 pm

سنڌ حڪومت پاران حادثن ۽ واقعن جي فوري اطلاع لاءِ ايف ايم ريڊيو چينل جي نشريات هلائڻ جو فيصلو

ڪراچي، سنڌ حڪومت پاران حادثن ۽ واقعن جي فوري اطلاع لاءِ ايف ايم ريڊيو چينل جي نشريات هلائڻ جو فيصلو، ايف ايم ريڊيو چينل هلائڻ جو فيصلو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو

اجلاس ۾ اطلاعات واري سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر ايڊمن محمد يوسف ڪابورو سميت  ٻين جي شرڪت

ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايف ايم ريڊيو چينل ذريعي قدرتي آفتن ۽  ايمرجنسي صورتحال کان عوام کي بر وقت آگاهه ڪيو ويندو، هن چيو ته  چينل ذريعي عوام کي ٽريفڪ حادثن ۽ دهشتگردي جي واقعن بابت فوري طور معلومات ڏني ويندي،

صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ريڊيو چينل جي نشريات جي شروعات صوبي جي سمورن شهرن ۾ ڪئي ويندي

وڌيڪ پڙهو: