اهم خبرون

سنڌ

February 20, 2023 2:14 pm

سنڌ اسيمبلي ڪراچي پوليس آفيس تي حملي خلاف مذمتي ٺهراءُمنظور ڪري ورتو

سنڌ اسيمبلي ڪراچي پوليس آفيس تي حملي خلاف مذمتي ٺهراءُمنظور ڪري ورتو ، پ پ ايم پي اي شرميلا فاروقي حملي خلاف  مذمتي ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪندي چيو ته  ايوان شهيدن جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جوانن پنهنجي جان جي قرباني  ڏئي وڏي جاني نقصان کان بچايو، پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان به ڪي پي او تي حملي خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ڪي پي او تي دهشتگرد حملي تي بحث ڪيو ويو.

پيپلز پارٽي ايم پي اي شرميلا فاروقي حملي خلاف  مذمتي ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو.

شرميلا فاروقي  ٺهراءَ ۾ چيو ته ايوان شهيدن جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جوانن پنهنجي جان جي قرباني  ڏئي وڏي جاني نقصان کان بچايو،  پوليس ۽ رينجرز جوانن جان جي پرواهه نه ڪندي دهشتگردن جو مقابلو ڪيو.

پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان پاران به ڪي پي او تي حملي خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو.

اسيمبلي ميمبرن ڪي پي او  حملي جي مذمت ڪندي دهشتگردن جي پاڙ پٽڻ جو عزم ورجايو .

 

 

وڌيڪ پڙهو: