سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عدالتي نظام جو مذاق اڏائيندڙ کي ڇا ججن کي رليف ڏيڻ گهرجي، اڃا فيصلا نه ٿيا آهن، رڳو عدالت سڏايو آهي.
لاهور ۾ جاري سياسي صورتحال تي ردعمل ڏيندي صوبائي وزير پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هوشيار نه ٿيو، ٻه چار هزار ماڻهو گڏ ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي.
هن چيو ته توهان پوليس کي زخمي ڪيو، توهان رياست سان وڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، توهان پيغام ڏئي رهيا آهيو ته توهان رياست سان وڙهڻ چاهيو ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته توهان سياسي پارٽي مان فوجي تنظيم ٺاهي رهيا آهيو، توهان ملڪ کي گهرو ويڙهه ڏانهن وٺي وڃڻ چاهيو ٿا.
هن چيو ته توهان حڪومت جي شرافت کي حڪومت جي ڪمزوري سمجهي رهيا آهيو، توهان خونريزي چاهيون ٿا، غريب جو نقصان ٿيو، جيڪڏهن اهي توهان جي بي رحميءَ جو جواب نٿا ڏين ته پوءِ انهن کي ڪمزور نه سمجهو.