اهم خبرون

سنڌ

February 16, 2023 9:43 pm

ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ نه پر اسان جي منصوبابندي درست ناهي:خورشيد شاهه

آبي وسيلن واري  وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ نه پر اسان جي منصوبابندي درست ناهي، مهمد، ڀاشا ۽ داسو ڊيم ٺهڻ گهرجن، عمران خان، قمر جاويد باجوه کي سياستداندانن خلاف استعمال ڪيو، آئون ذاتي طور تي بي اعتمادي رٿ خلاف هئس، ملڪ ۾ جيترو جلدي ٿي سگهي چونڊون ڪرايون وڃن، اليڪشن ڪميشن تڪراري ٿي ته ڪجهه به نه بچندو.

ڪي ٽي اين نيوز کي انٽرويو ڏيندي ۽ ڪي ٽي اين نيوز جي پروگرام پوائنٽ آف آرڊر ۾ آبي وسيلن واري  وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو ته ملڪ ۾ ڪنٽرول ڊيموڪريسي آهي، اسٽيبلشمينٽ ڪڏهن به سياست ۾ نه ايندي.

خورشيد شاهه چيو ته عمران خان، قمر جاويد باجوه کي سياستداندانن خلاف استعمال ڪيو، آئون ذاتي طور تي بي اعتمادي رٿ خلاف هئس.

هن چيو ته ملڪ ۾ جيترو جلدي ٿي سگهي چونڊون ڪرايون وڃن، اليڪشن ڪميشن تڪراري ٿي ته ڪجهه به نه بچندو.

وڌيڪ پڙهو: