شيخ رشيد چيو آهي ته گينگ آف فائيو ناڪام ٿي چڪو،مريم نواز جو بيانيو،سندس پارٽي وارا ئي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
جيل مان آزادي کان پوءِ پهرين پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته خان صاحب کي چيو ته آر ڪرڻو آهي يا پار ڪرڻو آهي.
هن چيو ته مون اڃا تائين حڪمرانن خلاف ڪجهه ڳالهايو ئي ناهي،اسان جو جهيڙو ڪنهن سان به ناهي، اسين جمهوريت لاءِ وڙهي رهيا آهيون.
شيخ رشيد چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائڻ بابت عدالتي حڪم کي چئلينج ڪيو.
هن چيو ته مريم نواز چوي ٿي حڪومت سندس پارٽي جي ناهي،
شهباز شريف جي ڪابينا وڏي ۽ ڪارڪردگي زيرو آهي،عمران خان کي ٻن ووٽن تان اقتدار مان ڪڍيو ويو.