ڪراچي جي جناح اسپتال مان 9 فيبروري تي گم ٿيل عورت جي ڳولا جاري آهي.
پوليس موجب عورت جي پنهنجي مرضي سان وڃڻ جا ڪي ثبوت مليا آهن، اسپتال ڇڏڻ بعد هوءَ ڪيڏانهن وئي، جاچ جاري آهي.
ان حوالي سان پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته عورت صبح 8:40 تي اسپتال ۾ داخل ٿي ۽ 12:30 جي لڳ ڀڳ اسپتال جي ٻئي دروازي مان ٻاهر نڪتي.
پوليس موجب جاچ مڪمل ٿيڻ تائين حتمي ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي.
ياد رهي ته 9 فيبروري تي هڪ حامله عورت جناح اسپتال ۾ چيڪ اپ لاءِ آئي هئي جتان گم ٿي وئي هئي.
واضح رهي ته وارڊ مان عورت مريض جي گم ٿيڻ جو ڪيس صدر ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.