سعودي عرب قابض اسرائيلي اهلڪار جي فلسطيني ڳوٺ هوارا کي ختم ڪرڻ بابت بيانن جي سخت مذمت ڪئي آهي.
هڪ بيان ۾ سعودي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته سعودي عرب انهن نسل پرست، غير ذميواراڻي بيانن کي مڪمل طور تي رد ڪري ٿو.
سعودي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته عالمي برادري ڇڪتاڻ گهٽائي ۽ فلسطينين کي تحفظ فراهم ڪري.
ياد رهي ته اسرائيل جي ناڻي واري وزير فلسطيني ڳوٺ هاوارا کي زمين تان صفا ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.