سنڌ ۾ پرائيويٽ قرضن تي وياج ختم ڪرڻ جو بل سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش، صوبائي وزير سعيد غني بل پيش ڪندي چيو ته وياج کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين،
اسپيڪر بل ڪميٽيءَ ڏانهن اماڻي ڇڏيو، پي ٽي آءِ ايم پي اي شاهنواز جدون ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته ڪياماڙي ۾ سندس تڪ ۾ سر عام منشيات وڪرو ٿي رهي آهي،
بيهودا انٽرنيٽ ڪيفي وڌي رهيا آهن، صوبائي وزير سعيد غني چيو ته منشيات وڪڻندڙن خلاف ڪارروائي ڪري 115 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اجلاس سومر تائين ملتوي ڪيو ويو.