اهم خبرون

پاڪستان

ڪاروبار

March 6, 2023 11:04 am

ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي مستحڪم ٿيڻ جو سلسلو جاري

انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي مُلهه ۾ 6 رپيا 63 پئسا گهٽتائي بعد ڊالر 278 رپيا 46 پئسن جو  ٿي ويو آهي، انٽربينڪ ۾ هن وقت آمريڪي ڊالر جي قيمت 275 رپيا آهي.

گذريل ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 6 رپيا 63 پئسا گهٽ ٿي هئي ۽ هڪ ڊالر 278 رپيا 46 پئسن تي بند ٿيو هو.

اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ به ڊالر جي ملهه ۾ گهٽتائي نظر آئي ۽ ڪاروبار جي شروعات تي ئي ڊالر 3 رپيا 46 پئسا سستو ٿي ويو آهي.

هن وقت انٽر بئنڪ ۾ هڪ آمريڪي ڊالر جي قيمت 275 رپيا آهي.

 

وڌيڪ پڙهو: