سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ ايم پي اي هير سوهو پاران مادري ٻولي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌي ٻوليءَ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور.
ايم پي اي هير سوهو. سنڌي ۾ لکت ۽ پڙهت ڪئي وڃي،
اسان جي ٻولي خوبصورت ۽ سهڻي ٻولي آهي، ٻولي وڌيڪ رائج ڪئي وڃي، ترقي يافته قومن سدائين پنهنجي ٻولين کي ايڊهاپ ڪيو آهي.
سنڌي گهرن ۾ نٿي ڳالهائي پئي وڃي جنهن سبب ٻولي خطري ۾ آهي والدين تي اهو فرض آهي ته ٻارن کي مادري زبان سيکارين. قوم جو وجود ٻولي،
تهذيب ۽ ثقافت سان بچائي سگھجي ٿو، سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ ايم پي اي هير سوهو پاران مادري ٻولي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌي ٻوليءَ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو،
هي ايوان سنڌي لئنگوينج اٿارٽي کي عالمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ تي ڀيٽا پيش ڪري ٿو؛
هير سوهو ساڳيو ٺهراءُ پ پ ايم پي اي ماروي فصيح به پيش ڪيو،
ماروي فصيح چيو تـ موهن جي دڙو مان پڻ لکت ملي ٿي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پنج هزار سال اڳ به لکت موجود هئي،
هن ٺهراءُ وسيلي مطالبو آهي ته سنڌي ٻولي سميت سمورين مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي،
تعليم ۽ ثقافت وارو صوبائي وزير سردار شاهه 21 فيبروري کي بنگلاديش جي پارليامينٽ قومي ڏهاڙو ڊڪليئر ڪيو جنهن کانپوءِ گڏيل قومن به ان ڏينهن کي مادري ٻولين جو ڏهاڙو جو درجو ڏنو.
شاهه لطيف فارسي کي غلامي جي زبان قرار ڏنو ۽ پنهنجي ماڻهن جي زبان ۾ شاعري ڪئي، ان وقت جي ڪمشنر بارٽر فريئر سنڌي زبان کي دفتري ٻولي قرار ڏنو ۽ جيستائين سنڌي نه ايندي هئي آفيسرن کي صوبي ۾ پوسٽنگ نه ملندي هئي.
هندستان ۾ سنڌي سميت 26 ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏنو ويو آهي، اسان چئن ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ جي سفارش ڪئي هئي،
اردو 48 ۾ ئي قومي ٻولي بڻجي چڪي هئي پر سنڌ ۾ فساد ٿيا. ايليٽ اسڪولن سنڌي نه پڙهائڻ تي مزاحمت ڪئي، ايڪشن کڻڻ کانپوءِ ٽيچرز رکيا ويا پر انهن کي سنڌي پڙهائڻ ئي نٿي اچي،
هاڻي اسان سنڌي ۽ اردو لينگويج ليرنگ سينٽرز کولي رهيا آھيون. بنگلاديش مان سبق سکيو وڃي،
قومي ٻولين جو بل پاس ڪرائي پاڪستان کي مضبوط ڪنداسين، ائين نه ٿئي ته هئا سنڌ وارا ۽ سنڌي ٻوليءَ.