وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ڪيسز مختلف ججز آڏو لڳرائڻ بابت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي ۽ سندس وڪيلن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي مبينا آڊيو جاري ڪري ڇڏي،
ايف آءِ اي کي چوڌري پرويز الاهي خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪرڻ جي هدايت،
راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته عمران خان عدالتن کي ڊڪٽيٽ ڪري رهيو آهي، پي ٽِي آءِ وارا عدالتن سان واعدو ڪري ڦري وڃن ٿا،
سمورو تماشو قوم ڏسي رهي آهي، عدالتن جو احترام سڀني جي ذميواري آهي، چوڌري پرويز الاهي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.