اهم خبرون

پاڪستان

March 10, 2023 3:55 pm

ڪوئٽا پوليس عمران خان جي گرفتاري لاءِ ناقابل ضمانت وارنٽ کڻي لاهور پهتي

ڪوئٽا پوليس جي ٽيم پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري لاءِ ناقابل ضمانت وارنٽ کڻي لاهور پهچي وئي.
پوليس ٽيم ۾ ايس پي نديم، ڊي ايس پي عبدالستار، سب انسپيڪٽر ۽ ٻيا 2 اهلڪار شامل،
عمران خان جي گرفتاري لاءِ لاهور پوليس ڪوئٽا پوليس جي مدد ڪندي،
واضح رهي ته گذريل ڏينهن رياستي ادارن خلاف توهين واري ڪيس ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ ڪوئٽا عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا هئا،
جڊيشل مئجسٽريٽ عمران خان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، بجلي روڊ ٿاڻي تي عمران خان خلاف ادارن جي توهين جو ڪيس داخل آهي،
عمران خان ڪوئٽا ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ به درخواست داخل ڪئي آهي.

وڌيڪ پڙهو: