پي ٽي آءِ جـَي43 ايم اين ايز جي استعيفائن جي منظوري وارو فيصلو برقرار آهي،
قومي اسيمبليون جون سيٽون خالي ٿيڻ بابت پي ٽي آءِ جي واويلا ڪوڙي ثابت ٿي،
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آفيس لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ملڻ جي تصديق ڪري ڇڏي،
اسپيڪر آفيس موجب لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ کان روڪيو آهي،
استعيفائون منظور ڪرڻ بابت اسپيڪر جي فيصلي خلاف ڪجهه به ناهي چيو ويو،
فيصلي ۾ واضح لکيل آهي ته اسپيڪر جي فيصلي خلاف ڪو به رليف نٿو ڏئي سگهجي.