پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب ايف آءِ اي ۾ طلبي نوٽيس کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلنج ڪري ڇڏيو، درخواست ۾ ايف آءِ اي جي طلبي نوٽيس کي معطل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب ايف آءِ اي ۾ طلبي نوٽيس کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلنج ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته درخواست ۾ ايف آءِ اي سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ايف آءِ اي فرخ حبيب کي سڀاڻي ساڍي 11 وڳي طلب ڪيو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ، ايف آءِ اي جي ڪارروائي بدنيتي تي ٻڌل آهي، عدالت ايف آءِ اي جي طلبي نوٽيس کي معطل ڪري.