پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سمورا شهري اسان جي جيل ڀريو تحريڪ ۾ شامل ٿين، تحريڪ آزاد ۽ خوشحال پاڪستان جي خواب جي ساڀيان تائين جاري رهندي.
جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ عمران خان چيو ته اين آر او حاصل ڪندڙن ۽ اربين رپين جي مني لانڊرنگ ۾ ملوث حڪمرانن کي وائکو ڪندڙن خلاف ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن.
پي ٽي آءِ جي سربراهه چيو ته مهانگائي غريب ۽ وچولي طبقي جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي.
عمران خان چيو ته بنيادي حقن جي ضمانت تڏهن ملندي جڏهن رياست عوام جي حقن جي حفاظت ڪندي.
هن چيو ته جيل ڀريو تحريڪ جهاد ۽ آزادي جو نالوآهي،جيترا ماڻهو شامل ٿيندا، اوترو ئي جلد مقصد حاصل ٿيندو.
عمران خان چيو ته اسان جي خلاف ڪوڙيون ايف آءِ آرز ۽ نيب ڪيسز داخل ڪيا پيا وڃن،جيل ۾ ٽارچر ڪيو پيو وڃي،صحافين کي نشانو بڻايو پيو وڃي