اهم خبرون

پاڪستان

February 22, 2023 1:59 pm

اسان پرامن طريقي سان گرفتاريون پيش ڪنداسين: شاهه محمود  قريشي

پي ٽي آءِ  اڳواڻ شاهه محمود  قريشي  چيو آهي ته اسان بنيادي حقن جي لتاڙ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون، جيل ڀريو تحريڪ جي اڄ لاهور کان شروعات ڪري رهيا آهيون.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته حڪمران پنهنجي لاءِ آرٽيڪل 6  جو رستو صاف ڪري رهيا آهن، اسان پرامن طريقي سان گرفتاريون پيش ڪنداسين.

هڪ سوال تي شاهه محمود قريشي چيو ته صدر آئين مطابق چونڊن جي تاريخ ڏني،صدر اليڪشن جي تاريخ  ڏني ته ايوانن ۾ ان خلاف ٺهراءَ پيش ڪيا ويا.

هن چيو ته صدر خط جي ذريعي آئيندي ذميداري کي ياد ڏياريو آهي،اسان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي خلاف بي بنياد  ڪيس داخل ڪيا ويا،ملڪ جون معاشي حالتون بدترين آهن.

 

وڌيڪ پڙهو: