اهم خبرون

سنڌ

February 19, 2023 7:46 pm

ملڪ ۾ مهانگائي،خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري

ملڪ ۾ مهانگائي، پيٽرول ۽ اٽي جي اگهن ۾ واڌ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري،

قمبر، مٽياري، ڪوٽڙي،ڪشمور، ميرپورماٿيلو، باڊهه، دوداپور ۽ ڊکڻ سميت مختلف شهرن ۾ مهانگائي خلاف  احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا،

مظاهرين چيو ته حڪومت پيٽرول ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي،

ٻن ويلن جي ماني کائڻ به ڏکيو بڻجي ويو آهي، هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف به ڪارروائي نه ٿي ڪئي وڃي،

عام واهپي جي شين جي اگهن تي ضابطو آڻي هٿرادو مهانگائي ۽ ذخيرا اندوزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

وڌيڪ پڙهو: