سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مهانگائي ۽ تيل اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، رڪشا يونين، سوزوڪي يونين، پورهيتن، شهرين ۽ سياسي توڙي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن احتجاج ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پيٽرول جون قيمتون فوري طور گهٽائي مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي.
سکر ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ خلاف شهرين مولانا عبيد الله ڀٽو، عمران شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ موٽر سائيڪل جو علامتي جنازو کڻي ريلي ڪڍي ۽ وفاقي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي، مظاهرين جو چوڻ هو ته تيل جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
لاڙڪاڻو ۾ پاڪستان سني تحريڪ پاران مولانا علي نواز قاسمي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
سجاول ۾ رڪشا يونين، سوزوڪي يونين ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ٺٽو ڪراچي روڊ تي ڌرڻو ڏنو، جنهن سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ان موقعي تي مظاهرين حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي.
وارهه ۾ تيل اگهن ۾ واڌ خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، سماجي اڳواڻ نياز حيدري، عمران ابڙو، وحيد پيرزادو، امجد سومرو، سڪندر عباسي، عارف تنيو ۽ غلام مصطفيٰ کهاوڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.
ميهڙ ۾ مهانگائي ۽ تيل جي اگهن ۾ اضافي خلاف رڪشا يونين ۽ پورهيتن پاران رڪشا يونين جي صدر اياز مهيسر جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي، ٻيٽو باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو.
اڪري چودڳي ۾ مهانگائي ۽ تيل اگهه وڌائڻ خلاف شهرين وڏي انگ ۾ گڏ ٿي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
ڀان سيد آبا ۾ پيٽرول اگهه وڌائڻ خلاف شهرين رستن تي نڪري احتجاج ڪيو، بعد ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو.
خانپور مهر ۾ شهرين ۽ مختلف سياسي توڙي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن قيوم مهر، نواب لُنڊ ۽ سڪندر مهر جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.