پاڪستان

February 17, 2023 10:54 pm

وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي پوليس آفيس تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي

وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي پوليس آفيس تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي.

وزيراعظم دهشتگردن جي حملي بابت سنڌ جي وڏي وزير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائي تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو.

وزيراعظم گهرو وزير کي دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ مڪمل سهڪار جي هدايت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پوري رياستي قوت استعمال ڪرڻي پوندي، دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي کي نشانو بڻايو آهي، پوليس جو عزم اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ٽوڙي نٿا سگهن، پوري قوم پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺي آهي.

وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي.

وڌيڪ پڙهو: