وزيراعظم شهباز شريف اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو،
ذريعن جو چوڻ آهي ته اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس اڄ شام 3 وڳي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو، سياسي ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪندي، ملڪ جي امن امان واري صورتحال تي غور ٿيندو،
اجلاس ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير به شريڪ ٿيندا، اجلاس ۾ پشاور ڌماڪي ۽ ڪي پي او حملي تي به بريفنگ ڏني ويندي، اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل بابت به غور ويچار ٿيندو.