صدارتي ايوارڊ ماڻيندڙ مشهور لوڪ ڳائڻو بشير بلوچ ڪوئيٽا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
مرحوم گلوڪار محمد رضا جو پٽ بشير بلوچ گردي جي بيماري ۾ مبتلا هو.
محمد رضا ٻڌايو ته بشير بلوچ کي اڄ منجهند ڌاري ڪوئيٽا جي علائقي ڪالي ديبا ڀرسان آخوند بابا قبرستان ۾ دفنايو ويندو.
ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو لوڪ ڳائڻي بشير بلوچ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.