عمران خان کي رليف ڏئي پوليس جـِي رِٽ جو قتل ڪيو ويو، جنهن شخص جـَي گهر مان بندش پيل تنظيم جا ماڻهو ۽ هٿيار نڪتا،
اهو سرعام رياست کي چيلينج ڪري رهيو آهي، آئين ۽ قانون کي پنهنجي جوتي برابر سمجهي ٿو، وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو،
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته اقتدار کسجڻ بعد عمران خان چريو ۽ دهشتگرد بڻجي چڪو آهي،
چورين جو جواب نه هئڻ تي عمران خان سموري ملڪ ۾ باهه لڳائي رهيو آهي، عمران خان گذريل ڏينهن جٿن ۽ هٿياربند ماڻهن سان گڏ زمان پارڪ کان اسلام آباد پهتو،
عدالتن تي پٿراءُ ۽ پيٽرول بمن سان حملا ڪندڙ شخص کي گاڏي ۾ حاضري لڳائڻ جي اجازت ڏني وئي، دادلي کي خاص رعايت ڏئي قانون جي حڪمراني قائم نٿي ڪري سگهجي.