دادو ۾ ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ دوران سائيڪل سوار پورهيت کي چيڀاٽي ماريندڙ بااثر نوجوانن خلاف 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس ڪارروائي نه ڪئي،
پوليس حادثي جي ذميوار نوجوانن بدران ڊرائيور کي پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيو،
حادثي جي ذميوار جوابدار اياز ڀنڊ، اويس ۽ انور ڀنڊ خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي،
حادثي ۾ حياتي وڃائيندڙ پورهيت گلزار عمراڻي جي جنازي نماز بعد تدفين، وارثن انصاف جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته گلزار گهر جو واحد سهارو هو، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.