بين الاقوامي

دنيا

February 28, 2023 5:21 pm

ايران ۾ ڇوڪرين کي اسڪول وڃڻ کان روڪڻ لاءِ زهر ڏيڻ جو انڪشاف

ايران ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڇوڪرين کي اسڪول وڃڻ کان روڪڻ لاءِ زهر ڏنو پيو وڃي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ان ڳالهه جو انڪشاف هڪ ايراني نائب وزير يونس پناهي ڪيو آهي، جنهن چيو آهي ته ايران ۾ اسڪول جي ڇوڪرين کي زهر ڏنو ويو،

ڇو ته ڪجهه ماڻهو ڇوڪرين کي تعليم حاصل ڪرڻ کان روڪڻ چاهين ٿا.

رپورٽن مطابق تهران جي ڏکڻ واري علائقي وقام ۾ گذريل سال نومبر کان وٺي زهر کائڻ سبب اسڪول جي شاگردن ۾ ساهه جي تڪليف جا سوين ڪيس سامهون آيا آهن، جن مان ڪيتريون ئي ڇوڪريون اسپتال ۾ داخل آهن.

آچر تي، ڊپٽي صحت واري وزير يونس پناهه واضح طور تي تصديق ڪئي ته ڇوڪرين کي عمدي طور زهر ڏنو ويو.

ايراني نيوز ايجنسي موجب يونس پناهي جو چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو اسڪولن خاص ڪري ڇوڪرين جا اسڪول بند ڪرڻ چاهين پيا، ان ڪري شاگردن کي زهر ڏنو ويو.

هن وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايو ۽ نه ئي ڪنهن جاني نقصان جي خبر پئي،

رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ڇوڪرين کي زهر ڏيڻ واري واقعي جي ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.

ايراني نيوز ايجنسي موجب 14 فيبروري تي اسڪول جي ڪيترن ئي بيمار ڇوڪرين جي والدين اختيارين کان ڇوڪرين جي بيماري بابت وضاحت طلب ڪئي هئي.

گذريل هفتي، پراسيڪيوٽر جنرل محمد جعفر انهن واقعن جي عدالتي جاچ جو حڪم ڏنو.

وڌيڪ پڙهو: