ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز رٽائرڊ جنرل فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،
ويب چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ مريم نواز چيو ته رٽائرڊ جنرل فيض حميد 2 سال ن ليگ جي حڪومت ڪيرائڻ ۽ 4 سال عمران جي حڪومت جي حمايت ڪري ملڪ تباهه ڪيو،
ادارن جي بدنامي جو سبب بڻجندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، غير آئيني ڪردار ادا ڪرڻ تي رٽائرڊ جنرل فيض حميد کي عبرت جو نشان بڻائڻ گهرجي.