لاهور ۾ عمران خان جي گهر زمان پارڪ مان گرفتار پي ٽي آءِ جي هڪ سئو 2 ڪارڪنن جو هڪ ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ منظور،
پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ڊيوٽي مئجسٽريٽ جي آڏو پيش ڪيو، عدالت ڪارڪنن جو هڪ ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کين سڀاڻي اي ٽي سي ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو،
زمان پارڪ آڏو آپريشن دوران پوليس تي ٿيل حملي جو وڌيڪ هڪ ڪيس داخل، دهشتگردي جا قلم شامل، ايف آءِ آر ۾ پي ٽي آءِ جي 102 ڪارڪنن کي نامزد ڪيو ويو.